عثمان فقير سانگي

عثمان فقير سانگي: سنڌ جي نامور صوفي شاعر فقير محمد عثمان ولد خير محمد سانگيءَ جو جنم، 1778ع ڌاري، ڳوٺ ڄامڙي سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد خير محمد سانگيءَ کان حاصل ڪئي. کيس عربي ۽ فارسيءَ تي ڪافي مهارت حاصل هئي. عثمان فقير سانگي، اهل الله، درويش، صوفي ۽ ڪافيءَ جو مقبول شاعر هو. هن خواجه عبدالحئي نقشبندي نوشهري فيروز واري جي هٿ تي بيعت ڪئي. خواجـه عـبـدالـحـئـيءَ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شاهه نصير جي هٿ تي بيعت ڪيائين. نامور شاعر فقير خوش خير محمد هيسباڻي سندس صحبتي هو. محمد عثمان سانگي وڏي پايي جو ڪافي گو شاعر هو. سندس سمورو ڪلام ڪافين جي مختلف قلمي بياضن ۾ ٽڙيل پکڙيل موجود آهي. منشي پوڪرداس شڪارپور واري 1906ع کان 1910ع ڌاري ڪافين جا ڪيترا ڳٽڪا ڇپايا، جن ۾ عثمان فقير جي ڪافين جي اڪثريت آهي. هن سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڪافيون چيون آهن. نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڪافيون‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”عثمان فقير سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافيون چيون، جيڪي حال توڙي قال جي لحاظ کان معياري آهن.“ ان کان سواءِ دين محمد وفائيءَ به سندس ذڪرتذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ ڪيو آهي. محمد عثمان فقير سانگيءَ ٽالپرن جو تقريباً سمورو دور ڏٺو. 2004ع ۾ شاهه نصيرالدين ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي، نوشهري فيروز، ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ترتيب ڏنل ڪلام ’ عثمان فقير سانگي‘، ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. عثمان فقير سانگيءَ 12 فيبروري 1860ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1860.02.12  عيسوي

سنڌ جي نامور صوفي شاعر فقير محمد عثمان ولد خير محمد سانگيءَ جو جنم، 1778ع ڌاري، ڳوٺ ڄامڙي سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.هن 12 فيبروري 1860ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زين العابدين ٺٽوي سيد
بِنگو گوپانگ
حاجي حقير ابن مڱڻ
احسان عظيم صديقي
توڏو مري
پرسرام ارجن داس ڪمل
الهه اوڀايو جوڻيجو
حافظ حامد ٽکڙائي
صورت سنگهه بهار
ابل اداس ٻٻر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون